بلوچستان ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال

اسلام آباد-28 جنوري(اي پي پي) بلوچستان جي قلعه سيف الله ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گذريل ڏينهن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 3.1 محسوس ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ اهي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي کان پوءِ ڪنهن به قسم جي مالي يا جاني نقصان جا اطلاع نه …

اسلام آباد-28 جنوري(اي پي پي) بلوچستان جي قلعه سيف الله ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گذريل ڏينهن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 3.1 محسوس ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ اهي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. ميڊيا رپورٽن موجب زلزلي کان پوءِ ڪنهن به قسم جي مالي يا جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. زلزلي جي پيمائش ڪندڙ قومي اداري موجب زلزلي جو مرڪز مسلم باغ واري علائقي کان 100 ڪلو ميٽر پري 16 ميٽر جي گهرائي ۾ هو.

مزید خبریں