نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد- 28 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبن سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي ادارن سان پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌُرين جي وچ ۾ هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس …

اسلام آباد- 28 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبن سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي ادارن سان پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌُرين جي وچ ۾ هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبن سان لاڳاپيل گهڻ طرفي فورمن ۾ پاڪستان جي موجودگي ۽ ڪردار جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي انهن شعبن سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي ادارن سان پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ڌُرين جي وچ ۾ هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ آئي ٽي بابت وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، سيڪريٽري آئي ٽي، جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں