دنيا ۾ پرامن ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وڌي وئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي درپيش تڪرارن ۽ عالمي چئلينجز جي ڏس ۾ پرامن ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وڌي وئي آهي، گڏجي اهڙي دنيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جتي ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ امن غالب هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرامن گڏيل بقاءَ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت …

اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي درپيش تڪرارن ۽ عالمي چئلينجز جي ڏس ۾ پرامن ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وڌي وئي آهي، گڏجي اهڙي دنيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جتي ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ امن غالب هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرامن گڏيل بقاءَ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ اربع ڏينهن عالمي دنيا سان گڏجي پرامن گڏيل بقاءَ جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيو آهي، هي ڏينهن هر سال گڏيل قومن پاران ملڪن ۽ نوع انساني جي وچ ۾ هم آهنگي، اتحاد ۽ گڏيل احترام جي فروغ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد دنيا ۾ تعليم، مڪالمي ۽ بين المذاهب تعاون جي ذريعي ٽڪراءُ ۽ ڇڪتان جو مقابلو ڪرڻ آهي، هي ڏينهن ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته دنيا ۾ پائيدار امن رڳو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن ماڻهو عزت ۽ وقار، گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم جو طرز عمل اختيار ڪن. وزيراعظم چيو ته دنيا مختلف ثقافتن، مذهبن، زبانن ۽ نظرين جي تنوع سان مالامال آهي ۽ اهو تنوع ڪو خطرو نه آهي پر مثبت طاقت آهي. هن چيو ته اڄ دنيا هڪ اهڙي دور مان گذري رهي آهي جڏهن ملڪن کي تڪرار، ورڇ ۽ ڪيترائي عالمي چئلينجز درپيش آهن تنهن ڪري پرامن گڏيل بقاءَ جي ضرورت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن چيو ته اسلامي تعليم به ٻين قومن ۽ برادرين سان ڀائيچاري، شموليت ۽ هم آهنگ رويي تي زور ڏي ٿي. هن ان ڏينهن جي مناسبت سان انفرادي ۽ بحيثيت قوم مجموعي طور تي ورڇ بدران مڪالمي، تعصب بدران سمجهه، دشمني بدران ڀائيچاري کي اختيار ڪرڻ جي عزم جي تجديد تي زور ڏنو ته جيئن پرامن گڏيل بقاءَ رڳو هڪ تصور نه رهي پر سڄي دنيا جي انسانن جي لاءِ هڪ زندهه حقيقت بڻجي وڃي ۽ عملي قدمن جي پڻ ترغيب ڏي. وزيراعظم چيو ته اچو اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ مثال قائم ڪريون ته اختلاف خطرو نه آهن پر سکڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا آهن ۽ اچو گڏجي اهڙي دنيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪريون جتي ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ امن غالب هجي.

مزید خبریں