اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر نئين آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ کاڻين ۽ قيمتي پٿرن جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير پاڪستان جي کاڻين جي شعبي ۾ آسٽريلوي ڪمپنين جي گهري دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي …
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، کاڻين جي شعبي ۽ قيمتي پٿرن جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر نئين آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين ملاقات ڪئي، جنهن ۾ کاڻين ۽ قيمتي پٿرن جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير پاڪستان جي کاڻين جي شعبي ۾ آسٽريلوي ڪمپنين جي گهري دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ موجود معدني وسيلن جي وسيع ۽ اڃا تائين غير استعمال ٿيل صلاحيت خاص ڪري ٽيٿيان بيلٽ کي اجاگر ڪيو. هن کاڻين جي شعبي ۾ منظم ۽ ڊگهي مُدي واري تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ بين الحڪومتي معاهدي جي امڪان جي تجويز پڻ ڏني. علي پرويز ملڪ جيم اسٽونز جي شعبي جي ترقي ۽ ان جي باضابطه جوڙجڪ لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ چيو ته هي شعبو روانگي واپار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هاءِ ڪمشنر چيو ته آسٽريلوي ڪمپنيون اڳ ئي ريڪوڊڪ منصوبي ۾ فعال طور شامل آهن، جڏهن ته وڌيڪ آسٽريلوي ڪمپنين به ان منصوبي ۾ شموليت ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آسٽريلوي ڪمپنين کي پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي آسٽريليا جي ڀرپور نمائندگي جي اميد ظاهر ڪئي. هاءِ ڪمشنر توانائي منتقلي جي روشنيءَ ۾ ٽامي ۽ سون جي عالمي سطح تي وڌندڙ اهميت جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين جو شعبو عالمي توجهه حاصل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آسٽريليا جيم اسٽونز جي شعبي ۾ علم جي مٽاسٽا، تربيت، فني معاونت ذريعي تعاون لاءِ پُراميد آهي. وفاقي وزير معدني شعبي کي باضابطه بڻائڻ ۾ پاڪستان جي معاونت لاءِ آسٽريلوي راضپي کي ساراهيندي ان کي وقت سر ۽ همٿائيندڙ قرار ڏنو. هن انٽرنيشنل مائيننگ اينڊ ريسورسز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي هاڻوڪي آسٽريليا جي دؤري جو حوالو ڏنو، جتي ناليوارين ۽ جونيئر آسٽريلوي کاڻين جي ڪمپنين سان پاڪستان جي معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جي موقعن تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين گڏيل فائدي جي لاءِ کاڻين جي شعبي ۽ جيم اسٽونز جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.











