وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊولپمنٽ اينڊ مينجمنٽ ڪمپني جو دورو

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊولپمنٽ اينڊ مينجمنٽ ڪمپني(فيڊمڪ) جو دورو ڪيو، جتي کيس خصوصي اقتصادي زونز ۽ جاري صنعتي منصوبن جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته فيڊمڪ ملڪي صنعتي ترقي جو هڪ اهم مرڪز آهي ۽ حڪومت خصوصي اقتصادي زونز کي وڌيڪ موثر، فعال ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار بڻائڻ …

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ڊولپمنٽ اينڊ مينجمنٽ ڪمپني(فيڊمڪ) جو دورو ڪيو، جتي کيس خصوصي اقتصادي زونز ۽ جاري صنعتي منصوبن جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته فيڊمڪ ملڪي صنعتي ترقي جو هڪ اهم مرڪز آهي ۽ حڪومت خصوصي اقتصادي زونز کي وڌيڪ موثر، فعال ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صنعتي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ئي ملڪي معيشت جي مضبوطي جي ضمانت آهي. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته حڪومت صنعتڪارن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مڪمل سنجيدگي سان قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول موجود آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ نمايان اڳڀرائي ڏسڻ ۾ ايندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته فيڊمڪ ۾ هن وقت 90 فيڪٽريون فعال آهن، 26 نيون فيڪٽريون قائم ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 31 صنعتي يونٽس تعمير هيٺ آهن جيڪي صنعتي سرگرمين ۾ اضافي جا واضح ثبوت آهن. ان کانپوءِ وفاقي وزير، فيصل آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ صنعتي شعبي کي درپيش چئلنجن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ڪاروباري ماحول ۾ وڌيڪ بهتري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت فيڊمڪ سميت سموري صنعتي زونز ۽ خصوصي اقتصادي زونز کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ عملي قدم جاري رکندي جڏهن ته بورڊ آف انويسٽمنٽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو.

مزید خبریں