گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران بلوچستان جي علائقي پشين ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي کي شاباش

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بلوچستان جي علائقي پشين ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي کي شاباش ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي بلوچستان جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. محسن نقوي آپريشن ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته …

اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بلوچستان جي علائقي پشين ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي کي شاباش ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي سي ٽي ڊي بلوچستان جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. محسن نقوي آپريشن ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته سي ٽي ڊي بلوچستان جي بهادر پُٽن بروقت آپريشن ڪري دهشتگردن کي جنهم حوالي ڪيو، آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي جي جوانن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن لاءِ سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروائيون اڻٽر آهن.

مزید خبریں