پاڪستان ۽ گهانا جي وچ ۾ پهرين ٻطرفي سياسي مشاورت

اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ گهانا پهرين ٻطرفي سياسي مشاورت جو گهانا ۾ انعقاد ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري حامد اصغر خان ڪئي جڏهن ته گهانا پاران پرڏيهي وزارت جي چيف ڊائريڪٽر خديجه ادريسو وفد جي سربراهي ڪئي. مشاورت دوران …

اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ گهانا پهرين ٻطرفي سياسي مشاورت جو گهانا ۾ انعقاد ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري حامد اصغر خان ڪئي جڏهن ته گهانا پاران پرڏيهي وزارت جي چيف ڊائريڪٽر خديجه ادريسو وفد جي سربراهي ڪئي. مشاورت دوران ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. هڪ مفاهمتي يادداشت ٻطرفي سياسي مشاورت بابت هئي جڏهن ته ٻي اسلام آباد جي فارن سروس اڪيڊمي ۽ گهانا فارن سروس انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ طئي ٿي. ڳالهه ٻولهه دوران ڌرين گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سياسي، اقتصادي، دفاعي، سياحتي، ثقافتي، صحت، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون دور ايندڙ سال اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ گهانا جي وچ ۾ دوستاڻا ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم آهن. اداراجاتي مڪالمي جو اهو عمل وڌيڪ بامقصد ۽ منصوباجاتي تعاون جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں