دھشتگردي ٽوڙ خاص عدالت جي ججن جي سيڪيورٽي لاءِ نيون لگزري فول پروف گاڏيون خريدڪرڻ جو فيصلو

لاھور - 27 جنوري (اي پي پي) پنجاب ۾ دھشتگردي جي روڪٿام واري خاص عدالتن جي ججن جي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پنجاب پوليس ججن جي سيڪيورٽي لاءِ 11 نيون گاڏيون خريدڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سرڪاري ذريعن مطابق ان سلسلي ۾ پنجاب جي آءِجي پوليس،  پنجاب جي وزيراعليٰ کي گاڏيون خريدڪرڻ لاءِ 23 ڪروڙ 86 لک 46 ھزار روپين جي سمري موڪلي ڇڏي آھي، ڊپٽي انسپڪٽر …

لاھور – 27 جنوري (اي پي پي) پنجاب ۾ دھشتگردي جي روڪٿام واري خاص عدالتن جي ججن جي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پنجاب پوليس ججن جي سيڪيورٽي لاءِ 11 نيون گاڏيون خريدڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سرڪاري ذريعن مطابق ان سلسلي ۾ پنجاب جي آءِجي پوليس،  پنجاب جي وزيراعليٰ کي گاڏيون خريدڪرڻ لاءِ 23 ڪروڙ 86 لک 46 ھزار روپين جي سمري موڪلي ڇڏي آھي، ڊپٽي انسپڪٽر جنرل پوليس لاھور ڊويزن جي جوڊيشري جو سيڪيورٽي جو فوڪل پرسن آھي، ان حوالي سان خط جاري ڪيو آھي. خط ۾ چيو ويو آھي ته ملڪ جي عدالتي نظام کي سيڪيورٽي جا خطرا آھن جڏھن ته سيڪيورٽي خدشن بابت تفصيلي خط سمري سان گڏ لڳايو ويو آھي. خط مطابق اي ٽي سي ججن جي سيڪيورٽي لاءِ 11 گاڏيون خريدڪرڻ تي 14 ڪروڙ 18 لک 45 ھزار روپيا خرچ ٿيندا، جڏھن ته ھڪ گاڏي جي قيمت 1 ڪروڙ 28 لک 95 ھزار روپيا ٻڌائي وئي آھي، اھڙي طرح گاڏيون بلٽ پروف بڻائڻ لاءِ 9 ڪروڙ 68 لک روپيا خرچ ٿيندا، جڏھن ته ھڪ گاڏي کي بلٽ پروف بڻائڻ جي قيمت 88 لک روپيا آھي. پنجاب پوليس نيون گاڏيون خريدڪرڻ لاءِ سپليمينٽري گرانٽ فراھم ڪرڻ جي درخواست به ڪئي آھي.

مزید خبریں