وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران يوٿ پروگرام تحت نوجوانن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد- 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يوٿ پروگرام تحت نوجوانن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي تعليمي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم حڪومت جي اولين ترجيح آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب …

اسلام آباد- 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يوٿ پروگرام تحت نوجوانن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي تعليمي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم حڪومت جي اولين ترجيح آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب چيئرمين يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان وزيراعظم کي يوٿ پروگرام خاص طور تي ليپ ٽاپ اسڪيم سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن جي ڀلائي لاءِ جاري قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوانن جي تعليمي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ موثر قدم حڪومت جي اولين ترجيح آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت نوجوانن کي هُنر سان مالامال ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آڻيندي.

مزید خبریں