اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان ميڊيا جي هڪ حصي ۾ شايع ٿيل ان خبر کي گمراهه ڪندڙ، حقيقتن جي ابتڙ، پاور ڊويزن جو مؤقف شامل ڪرڻ کانسواءِ شايع ٿيل قرار ڏنو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان نومبر 2025ع دوران بئنڪ ري فنانسنگ معاهدي (سيپٽمبر 2025ع) باوجود گردشي قرضن ۾ 224 بلين رپين جو واڌارو ٿيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان …
گردشي قرضن ۾ 224 بلين رپين جي واڌ جون خبرون گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن: پاور ڊويزن جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-26 جنوري (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان ميڊيا جي هڪ حصي ۾ شايع ٿيل ان خبر کي گمراهه ڪندڙ، حقيقتن جي ابتڙ، پاور ڊويزن جو مؤقف شامل ڪرڻ کانسواءِ شايع ٿيل قرار ڏنو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ کان نومبر 2025ع دوران بئنڪ ري فنانسنگ معاهدي (سيپٽمبر 2025ع) باوجود گردشي قرضن ۾ 224 بلين رپين جو واڌارو ٿيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته اها ڳالهه نهايت اهم آهي ته 30 جون 2025ع تي موجوده گردشي قرضن جي مجموعي ڳاڻيٽي جي ڀيٽ نومبر 2025ع جي پڄاڻيءَ تي موجوده ڳاڻيٽي سان نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هي صرف 5 مهينن جو عرصو بڻجي ٿو. گردشي قرض ۾ تبديليءَ کي غلط بنيادن تي بئنڪن سان ڪيل معاهدي سان منسلڪ ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ هي معاهدو بنيادي طور پي ايڇ پي ايل جي مهانگن قرضن کي گهٽ لاڳت قرضن سان تبديل ڪرڻ لاءِ هو ۽ ان قرض جي ادائگيءَ لاءِ 5 کان 6 سالن جو منصوبو ترتيب ڏنو ويو آهي. اصولي طور تي جولاءِ کان نومبر 2025ع جو عرصي جي ڀيٽ جولاءِ کان نومبر 2024ع سان ڪرڻ گهرجي ها جڏهن ته ائين نه ڪرڻ سان غلط فهمي پيدا ٿي. هي واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جولاءِ کان نومبر 2024ع دوران گردشي قرضن ۾ واڌ بنيادي طور تي موسمي عملن سبب ٿيو جيڪو ماهوار بنيادن تي گردشي قرضن جي چُرپر تي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ عمومن مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين پاڻمرادو معمول تي اچي وڃي ٿو. هي ڳالهه نهايت اهم آهي ته ڊسمبر 2025ع ۾ گردشي قرضن جي وهڪري ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ جولاءِ کان ڊسمبر 25ع جي عرصي دوران مجموعي گردشي قرضن جو وهڪرو 80 بلين رپين کان گهٽ رهيو. خبر ۾ پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته مالي سال 25-2024ع دوران گردشي قرضن ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿي ۽ جون 25ع تائين اهو گهٽ ٿي 1614 بلين رپيا رهجي ويو. اها گهٽتائي ڊسڪوز جي آپريشنل ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري، ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻن جي استحڪام ۽ آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ادارن سان ڪامياب ڳالهين جي نتيجي ۾ ليٽ پيمينٽ انٽرسٽ جي معاهدي سبب ممڪن ٿي. اها توقع ڪئي پئي وڃي ته موجوده سال جي پڄاڻيءَ تائين گردشي قرضن جي صورتحال مڪمل طور تي ضابطي ۾ اچي ويندي ۽ مجموعي ذخيرن ۾ ڪو خاص واڌارو نه ٿيندو. هي توقع ماضيءَ جي رجحانن سان هم آهنگ آهي جتي موسمي لاها چاڙها مالي سال جي آخري حصي ۾ معمول تي اچي وڃي ٿو. وڌيڪ هي ته گردشي قرضن جي وهڪري ۾ هي موسمي تبديليون صارفين لاءِ بجلي جي اگهن تي ڪنهن قسم جو اثر نٿيون وجهن ۽ نه ئي صارفين جي سطح تي قيمتن ۾ ڪو اثر نٿو پوي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مالي سال 25-2024ع دوران ڊسڪوز جي ناڪاميءَ سبب مالي سال 24-2023ع جي ڀيٽ ۾ 193 بلين رپين گهٽ ٿيا. اهڙيءَ طرح جولاءِ کان ڊسمبر 25ع دوران ناڪامين جي گهٽتائيءَ سبب جولاءِ کان ڊسمبر 24ع جي مقابلي ۾ وڌيڪ 49 بلين رپين جي گهٽتائي ٿي آهي. هي سڌارا پاور سيڪٽر ۾ آپريشنل ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۽ مالي نظم و ضبط برقرار رکڻ لاءِ حڪومت جي مسلسل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. اهو واضح ڪيو وڃي ٿو ته 1225 بلين رپين جا گردشي قرض سيٽلمينٽ پلان تي 6 سالن جي مدت ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو جنهن تحت موجوده گردشي قرضن کي سازگار شرطن تي ري فنانس ڪيو ويندو. هن وقت تائين ان منصوبي جي پهرين قسط ملي چڪي آهي، جڏهن ته ايندڙ 6 سالن ۾ گردشي قرضن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو ۽ ڊيٽ سروس سرچارج به ختم ڪئي ويندي.











