قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي جيتري ضرورت اڄ آهي اڳ ۾ نه هئي، ملڪ ۾ دهشتگردي جي لعنت ٻيهر ڪَر کنيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان غربت، بيروزگاري جي خاتمي، قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي جيتري ضرورت اڄ آهي اڳ ۾ نه هئي، ملڪ ۾ دهشتگردي جي لعنت ٻيهر ڪَر کنيو آهي، خوارج، ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي جو ڳٺ جوڙ …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان غربت، بيروزگاري جي خاتمي، قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي جيتري ضرورت اڄ آهي اڳ ۾ نه هئي، ملڪ ۾ دهشتگردي جي لعنت ٻيهر ڪَر کنيو آهي، خوارج، ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي جو ڳٺ جوڙ آهي، اسان جي دشمنن جي ذريعي انهن کي وسيلا پهچي رهيا آهن، دهشتگردي کي پاڪستان جي سرحدن تان کڻي بحر هند ۾ ٻوڙي ڇڏينداسين، سمورن مذهبن جي پيروڪارن کي پنهنجي طريقن سان عبادت ۽ تهوار ملهائڻ جو پورو حق آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي جيڪي وسيلا عطا ڪيا آهن اهي شايد ئي ڪنهن ملڪ وٽ هجن، وسيلن کي جيڪڏهن استعمال ڪريون ته اسان جا سمورا مسئلا ختم ٿي ويندا، معرڪه حق ۾ پاڪ فوج دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جيڪو رهندي دنيا تائين نه وسرندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي پيغام امن ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي جي ميمبرن کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوان ٿو، اها انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي ته قومي پيغام امن ڪميٽي هڪ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، هي ملڪ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم تحريڪ جي نتيجي ۾ لکين مسلمانن جي قربانين کانپوءِ وجود ۾ آيو، تحريڪ پاڪستان ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪروڙين مسلمانن ۽ اقليتي برادري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، تحريڪ پاڪستان ۾ زندگي جي هر شعبي جي ڪروڙين مسلمانن ۽ اقليتي برادري حصو وڌو، سيسل چوڌري، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج راڻا ڀڳوانداس ۽ اقليتي برادري جي ٻين ميمبرن جون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. هن چيو ته پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد اهڙو خطو حاصل ڪرڻ هو جتي اسلام وڌي ويجهي، پاڪستان ۾ سمورن مذهبن کي پنهنجي طريقن سان عبادت ڪرڻ ۽ تهوار ملهائڻ جو حق آهي، هر پاڪستاني کي پنهنجي محنت ۽ قابليت جي زور تي پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ جو حق آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف روان دوان آهي، پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ عالم سڳورن جو پڻ تمام وڏو ڪردار هو، الله تعاليٰ پاڪستان کي اهي سمورا وسيلا عطا ڪيا آهن جيڪي شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ وٽ هجن، الله تعاليٰ اسان کي کربين ڊالر جا قدرتي وسيلا عطيا ڪيا آهن، جن کي اسان استعمال ڪريون ته اسان جا سمورا مسئلا ختم ٿي ويندا، پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي ملڪ بڻائينداسين، قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪرڻو آهي، اهو ڪم مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي، ان جي لاءِ اهي طريقا اختيار ڪرڻا پوندا جن جي لاءِ پاڪستان وجود ۾ آيو هو. وزيراعظم چيو ته مئي 2025ع ۾ معرڪه حق ۾ پاڪ فوج ڀارت کي شڪست ڏني ۽ هڪ اهڙو سبق سيکاريو جنهن کي هو رهندي دنيا تائين نه وساري سگهندو، اها فتح الله تعاليٰ جي نصرت ۽ ان جي ڪمال مهرباني ۽ پاڪ فوج جي جرئت، اعليٰ ترين تربيت، بهترين ٽيڪنالاجي ۽ 24 ڪروڙ عوام جي دعائن جو نتيجو آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ معرڪه حق ۾ الله تعاليٰ اسان کي فتح سان نوازيو جنهن تي الله جو جيترو به شڪر ادا ڪريون گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ سڀ کان وڏو چئلينج دهشتگردي آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪ لک پاڪستاني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ عام شهري، مائرون، ڀينرون، ٻار، ڊاڪٽر، انجينئر، واپاري ۽ چئني صوبن جا رهواسي شامل آهن. انهن پنهنجي رت سان ملڪ جي آبياري ڪئي آهي، پاڪ فوج، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا هزارين آفيسر ۽ جوان به شهيد ٿيا آهن، انهن قربانيون ڏئي نه رڳو دهشتگردي جو خاتمو ڪيو پر ٻين ملڪن کي پڻ بچايو، اڄ دهشتگردي جي لعنت ٻيهر ڪَر کنيو آهي، خوارج، ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي جو ڳٺ جوڙ آهي، اسان جي دشمنن جي ذريعي انهن کي هر طرح جا وسيلا پهچي رهيا آهن، جهڙي طرح 2018ع ۾ دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري ڇڏيو هو مون کي مڪمل يقين آهي ته هن ڀيري به دهشتگردي جو ڪنڌ ڪچليو ويندو، دهشتگردي کي پاڪستان جي سرحدن تان کڻي بحر هند ۾ ٻوڙي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي ۾ سمورن مڪتبه فڪر جا عالم شامل آهن، الله تعاليٰ ان ڪميٽي کي ڪاميابيون عطا ڪري، اسلام جو اعليٰ ۽ ارفع پيغام صوبن ۾ پهچائين، تدبر، فهم ۽ فراست، بردباري ۽ حوصلي سان معاملن کي اڳتي کڻي هلڻو آهي. معاملن کي گڏجي ويهي طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي. قومي پيغام امن ڪميٽي جي ڪنوينر مولانا طاهر اشرفي چيو ته جنهن اعتماد جو اظهار وزيراعظم ڪيو آهي اسان ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر سان تفصيلي ملاقات کانپوءِ اهو طئي ٿيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي سمورن عالمن جي ٻن ڏينهن واري علماءِ مشائخ ڪانفرنس گهرائي ويندي جنهن ۾ مشاورت سان فيصلا ڪيا ويندا ۽ انهن جا سمورا خدشا ختم ڪيا ويندا، ڪميٽي جا ميمبر صوبي جي سمورن علائقن جو دورو ڪندا، پاڪ فوج جي جوانن ۽ سلامتي جي ادارن سان گڏ وقت گذاريندا ۽ بيانيي جي جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو موقف واضح آهي ته پاڪستان جو امن هر شيءَ کان وڌيڪ عزيز آهي، هن وقت مدرسن جي 15 مان 11 بورڊز جا ميمبر هتي موجود آهن، جن حالتن ۾ پيغام امن ڪميٽي جي جوڙجڪ ٿي آهي اسان سمجهون ٿا ته ان سان پاڪستان ۾ امن جي ڪوششن کي استحڪام ملندو، عالمن ۽ مفڪرن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، عالم سڳورا نظرياتي محاذ کي مستحڪم ڪري رهيا آهن، 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي پيغام پاڪستان جاري ڪيو هو، جنهن کي اسان اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون، اسان اميد ڪريون ٿا ته امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪامياب ٿينديون، قومي پيغام امن ڪميٽي ۾ اقليتي برادري کي به نمائندگي ڏني وئي آهي. جامعته الرشيد جي مهمتمم مولانا مفتي عبدالرحيم چيو ته رياست پاڪستان ۽ حڪومت پاران مضبوط قومي بيانيو عوام تائين وڃڻ گهرجي جيڪا به سهولتڪاري ٿي رهي آهي ڀلي اها سياسي، مذهبي سطح تي هجي يا تعليمي ادارن پاران هجي ان جو خاتمو ضروري آهي، امن ڪميٽي امن جو پيغام کڻي هر جڳهه تي پهچندي. علامه عارف حسين واحدي چيو ته امن ۽ محبت جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جي جوڙجڪ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان الله تعاليٰ جو تحفو آهي، ڪڏهن به شرپسند ۽ منفي ذهنيت رکندڙ ان کي نقصان نه پهچائي سگهندا، خوارج جو دين اسلام سان ڪو تعلق نه آهي نه ئي اهي پاڪستان جا خيرخواهه آهن، اهي ملڪ جو امن تباهه ڪري رهيا آهن ۽ دشمن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن، امت جي اتحاد جي لاءِ اسان سڀ گڏجي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اندروني ۽ ٻاهرئين سمورين سازشن آڏو گڏجي بيهنداسين ۽ ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. علامه محمد حسين اڪبر چيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هي ڪميٽي ڀرپور سرگرمي سان ڪم ڪندي، هن ڪميٽي ۾ سمورن مذهبن جا نمائندا شامل آهن ۽ اهو قومي وحدت جو مظهر آهي، پيغام پاڪستان کي نصاب جو حصو بڻائڻ گهرجي. علامه سيد ضياءَ الله شاهه بخاري چيو ته پاڪستان پنهنجي تاريخ ۾ هن وقت بلند ترين مقام تي بيٺل آهي، سياسي ۽ عسڪري قيادت جو ملڪ جي ترقي جي لاءِ موقف هڪ آهي، اسان پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته عالم سڳورا پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. علامه راغب نعيمي چيو ته عالم سڳورا پاڪ فوج جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ يڪجهتي جي فروغ جي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين. مولانا زبير فهيم چيو ته سياسي، ديني ۽ عسڪري قيادت جڏهن گڏجي ڪم ڪندي ته هي ملڪ امن جو گهوارو بڻجندو. مفتي محمد يوسف خان چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي معرڪه حق ۾ وڏيون ڪاميابيون ڏنيون آهن، قومي پيغام امن ڪميٽي پنهنجي ذميواري ادا ڪندي. علامه محمد آصف اڪبر چيو ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو فڪري دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ آهي، پاڪستان جي امن جي لاءِ عالم سڳورا، سياسي ۽ عسڪري قيادت سان گڏ بيٺل آهن. اسان پنهنجي مدرسن ۾ پيغام پاڪستان کي بطور نصاب پڙهائي رهيا آهيون. مولانا محمد عادل عطاري چيو ته اسان سڀ گڏجي وزيراعظم سان گڏ بيٺل آهيون، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين، معرڪه حق کانپوءِ پاڪستان جي دنيا ۾ عزت ۾ اضافو ٿيو آهي، امن ڪميٽي قائم ڪرڻ سان انتهاپسند عنصرن جي حوصلا شڪني ٿي آهي. هندو ڪميونٽي جي نمائندگي ڪندي راجيش ڪمار چيو ته پاڪستان ۾ هندو برادري خوشي ۽ خوشحالي سان زندگي گذاري رهي آهي، اسان اهو وچن ڪريون ٿا ته هن ڌرتيءَ ماءُ جي حفاظت ڀائيچاري ۽ امن جي فروغ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، هندو برادري ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ آهيون. مسيحي برادري جي نمائندگي ڪندي بشپ آزاد مارشل چيو ته اسان اهڙو بيانيو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين جنهن سان امن جو پيغام پکڙجندو. مولانا طيب پنج پيري چيو ته وزيراعظم ملڪ جي اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، امن جي ڪوششن ۾ اسان وزيراعظم سان گڏ بيٺل هونداسين. مولانا محمد توقير عباس چيو ته ملڪ جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ عالم سڳورا حڪومت سان گڏ آهن، سيڪيورٽي ادارا ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، نظرياتي سرحدن جي حفاظت عالم سڳورن جي ذميواري آهي، هي ڪميٽي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪندي دهشتگردي ڦهلائيندڙ عنصرن کي ناڪام بڻائيندي. ڊائريڪٽر جنرل مذهبي تعليم ڊاڪٽر غلام قمر چيو ته ملڪ ۾ 36 هزار مدرسا آهن، رجسٽرڊ مدرسن ۾ ديني تعليم سان گڏوگڏ موجود دور جي تعليم پڻ ڏني پئي وڃي ۽ ٻارن کي فني ۽ پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهي جڏهن مدرسن مان فارغ ٿين ته انهن کي روزگار جا سٺا موقعا ملي سگهن. هن چيو ته استادن جي به جديد رخن تي تربيت ڪئي وڃي، ڪجهه ڌرين پاران غلط پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي ته مدرسن ۾ درس نظامي جي تعليم کي متاثر ڪيو پيو وڃي، نه اسان ائين ڪري رهيا آهيون ۽ نه ئي ڪيو ويندو.

مزید خبریں