صدر آصف علي زرداري پاران سعودي شهزادي هند بنت سعود بن عبدالعزيز آل سعود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي شهزادي هند بنت سعود بن عبدالعزيز آل سعود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري شهزادي هند بنت سعود بن عبدالعزيز آل سعود جي لاڏاڻي تي خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، سعودي شاهي خاندان ۽ سعودي عوام سان دلي تعزيت …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سعودي شهزادي هند بنت سعود بن عبدالعزيز آل سعود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري شهزادي هند بنت سعود بن عبدالعزيز آل سعود جي لاڏاڻي تي خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، سعودي شاهي خاندان ۽ سعودي عوام سان دلي تعزيت ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهزادي هند بنت سعود بن عبدالعزيز جو لاڏاڻو سعودي عرب ۽ شاهي خاندان سان عقيدت رکندڙن جي لاءِ ڏک جو سبب آهي. هن مرحومه جي درجن جي بلنديءَ ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي قيادت ۽ قوم جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.

مزید خبریں