اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي گذريل سال ڊسمبر ۾ پاڪستان جي دوري کانپوءِ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صحت جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ تعاون تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي گذريل سال ڊسمبر ۾ پاڪستان جي دوري کانپوءِ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ بابت بين الوزارتي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي گذريل سال ڊسمبر ۾ پاڪستان جي دوري کانپوءِ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صحت جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ تعاون تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي موقعن تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم انڊونيشيا سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ صحت واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه کانسواءِ پرڏيهي وزارت، قومي صحت واري وزارت، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، اوورسيز ايمپلائمنٽ ڪارپوريشن ۽ اوورسيز پاڪستانيز ۽ انساني ترقي واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











