منامه - 15 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪنگ حمد يونيورسٽي اسپتال ۾ قائم ملٽري اسپتال مائيڪرو اسڪول جو دورو ڪيو. اهو هڪ اهڙو منفرد قدم آهي جنهن تحت علاج هيٺ ٻارن جي تعليم کي ٻارن جي طبي نگهداشت جي نظام جو حصو بڻايو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي خاتون اول کي بريفنگ ڏني وئي …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪنگ حمد يونيورسٽي اسپتال ۾ قائم ملٽري اسپتال مائيڪرو اسڪول جو دورو ڪيو

مزید خبریں
منامه – 15 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڪنگ حمد يونيورسٽي اسپتال ۾ قائم ملٽري اسپتال مائيڪرو اسڪول جو دورو ڪيو. اهو هڪ اهڙو منفرد قدم آهي جنهن تحت علاج هيٺ ٻارن جي تعليم کي ٻارن جي طبي نگهداشت جي نظام جو حصو بڻايو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي خاتون اول کي بريفنگ ڏني وئي ته مائيڪرو اسڪول جي ذريعي گهٽ عمر مريض علاج دوران به پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن ٿا، جنهن سان نه رڳو انهن جو تعليمي تسلسل برقرار رهي ٿو پر انهن جي جذباتي صحت ۽ ذهني سڪون ۾ پڻ بهتري اچي ٿي. دوري دوران بي بي آصفه ڀٽو زرداري انٽر ايڪٽو ڪلاس رومز ۽ جديد تعليمي سهولتن جو مشاهدو ڪيو ۽ ان ڳالهه کي ساراهيو ته اهو پروگرام تعليمي سرگرمين کي علاج جي معاونت سان ڳنڍي ٿو. هن عملي ۽ ٻارن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ استادن ۽ اسپتال جي عملي جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو هڪ اهڙو معاون ۽ شفقت تي ٻڌل ماحول فراهم ڪري رهيو آهي جنهن سان مريض ٻارن ۾ معول جي زندگي جو احساس ۽ حوصلو برقرار رهي ٿو.











