اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي بنون ۽ ڪرم ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ٻن جدا ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران ضلعي بنون ۽ ڪرم ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي بنون ۽ ڪرم ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ٻن جدا ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.











