نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اجلاس

اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ 117 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي اهم ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب منصوبن ۾ صحت سهولت پروگرام ۾ 30 جولاءِ 2026ع تائين توسيع، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ قدمن سميت سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي …

اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ 117 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي اهم ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب منصوبن ۾ صحت سهولت پروگرام ۾ 30 جولاءِ 2026ع تائين توسيع، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ قدمن سميت سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي موثر منصوبابندي، وقت سر عملدرآمد ۽ پائيداريت کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون، سنڌ جي منصوبابندي، ترقي ۽ آبپاشي واري وزير، ڪابينا، صحت، مواصلات ۽ منصوبابندي وارن سيڪريٽرين سميت لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں