اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالت بنيادي حقن جي تحفظ، قانون جي بالادستي، منصفاڻي، غيرجانبدار ۽ وقت سر انصاف جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس نئين سال جي شروعات تي پاڪستاني قوم، عدليه جي ميمبرن، قانوني برادري ۽ انصاف جي گهرجائو سمورن ماڻهن کي دلي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. …
عدالت بنيادي حقن جي تحفظ، قانون جي بالادستي، منصفاڻي، غيرجانبدار ۽ وقت سر انصاف جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالت بنيادي حقن جي تحفظ، قانون جي بالادستي، منصفاڻي، غيرجانبدار ۽ وقت سر انصاف جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. سپريم ڪورٽ مان جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس نئين سال جي شروعات تي پاڪستاني قوم، عدليه جي ميمبرن، قانوني برادري ۽ انصاف جي گهرجائو سمورن ماڻهن کي دلي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئين عدالت کي اها اهم ذميواري سونپي ٿو ته انصاف نه رڳو ڪيو وڃي پر ٿيندي به نظر اچي، اها ذميواري ان وقت وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويندي آهي جڏهن عام شهري اميد، اعتماد ۽ ڪجهه وقت بي وسي جي عالم ۾ عدالتن جو رخ ڪندا آهن. مرڪزي انصاف جي نظام تي زور ڀريندي چيف جسٽس چيو ته ايندڙ سال غور ۽ فڪر، سڌارن ۽ ان عزم جي تجديد جو گهرجائو آهي ته عدالتي عمل ۾ شهرين کي مرڪزيت ڏني وڃي. هن واضح ڪيو ته انصاف رڳو اصولي نه پر عملي طور تي پهچ جوڳو هجڻ گهرجي، طريقيڪار باوقار ۽ عورتن، ٻارن، معاشري جي محروم طبقن ۽ ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ضرورتن سان هم آهنگ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ايندڙ سال عدليه اهڙن بامعنيٰ سڌارن وارن قدمن تي ڪم ڪندي جن جو مقصد انصاف تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ، ڪيسن ۾ دير کي گهٽ ڪرڻ، شفافيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ عدالتي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ ٽيڪنالاجي جو ذميواراڻو استعمال آهي. چيف جسٽس چيو ته انهن سڌارن جو محور اهي نتيجا هوندا جيڪي عوام لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم آهن، ان ۾ وقت سر فيصلا، قابل فهم طريقيڪار ۽ اهڙيون عدالتون شامل آهن جيڪي عوام دوست ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجن. اداري تي اعتماد جو اظهار ڪندي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اجتماعي عزم، پيشيوراڻي مهارت ۽ ديانتداري ذريعي عوامي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ۽ آئين ۾ داخل اعليٰ قدرن کي پاسداري جاري رکندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عدليه هر شهري جي خدمت انصاف، خودمختياري ۽ همدردي سان ڪندي رهندي.هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون سال قانون جي حڪمراني تي عوام جي اعتماد ۾ اضافي ۽ اهڙي انصاف واري نظام جو موجب بڻجندو جيڪو هر ماڻهو تائين پهچي سگهي.










