گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي، پاڪستان ڀارت کي پوئتي ڇڏي ڏنو، 2026ع جي شروعات تي هاڪاري اقتصادي ۽ امن جون اميدون

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي جي تازن نتيجن موجب پاڪستان 2026ع جي شروعات تي اقتصادي خوشحالي ۽ امن جي حوالي سان ڀارت ۽ عالمي اوسر ٻنهي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. اها سروي 60 ملڪن ۾ ڪئي وئي ۽ ان جا انگ اکر پاڪستاني عوام جي اعليٰ اميد ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿا. سروي موجب پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو ماڻهو نئين سال جي حوالي سان …

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي جي تازن نتيجن موجب پاڪستان 2026ع جي شروعات تي اقتصادي خوشحالي ۽ امن جي حوالي سان ڀارت ۽ عالمي اوسر ٻنهي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. اها سروي 60 ملڪن ۾ ڪئي وئي ۽ ان جا انگ اکر پاڪستاني عوام جي اعليٰ اميد ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿا. سروي موجب پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو ماڻهو نئين سال جي حوالي سان پراميد آهن جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح صرف 39 سيڪڙو آهي، عالمي اوسر جي ڀيٽ ۾ اها 24 سيڪڙو کان به ڪافي بلند آهي. اقتصادي خوشحالي جي حوالي سان 53 سيڪڙو پاڪستاني 2026ع کي هڪ خوشحال سال سمجهن ٿا. امن جي حوالي سان به پاڪستان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. 52 سيڪڙو پاڪستانين جو خيال آهي ته دنيا ۾ امن وڌندو، جڏهن ته ڀارت ۾ اها شرح صرف 26 سيڪڙو آهي، اها سطح پاڪستان ۾ 1994ع کانپوءِ رڪارڊ ڪئي وئي اميدن مان هڪ بلند ترين سطح آهي، جيڪا 1990ع جي ڏهاڪي جي آخر ۽ 2010ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڏٺل رجحان جي برابر آهي. سروي موجب پاڪستان عالمي سطح تي ٽن اهم پئمانن مجموعي اميد، اقتصادي خوشحالي ۽ امن جي اميد ۾ اوسر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ ان مان ٻن پئمانن ۾ ڀارت کان سرسري حاصل ڪئي آهي، گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب پاڪستاني عوام غير يقيني عالمي ماحول باوجود 2026ع جي حوالي سان پراعتماد ۽ پراميد آهي ۽ اها سروي معاشي ترقي ۽ عالمي امن جي باري ۾ پاڪستان جو مثبت تصور پيش ڪري ٿي.

مزید خبریں