اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) سال 2025ع پاڪستاني معيشت خاص طور قومي ڪرنسي لاءِ استحڪام جو سال ثابت ٿيو، جتي آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ محدود گھٽتائي رڪارڊ ٿي. مالياتي ماھرن مطابق گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 2025ع دوران پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي مارڪيٽ ۾ غير معمولي دٻاءُ ڏسڻ ۾ نه آيو، جيڪو ھڪ ھاڪاري معاشي اشارو آھي. انگن اکرن مطابق …
سال 2025ع پاڪستاني رپئي لاءِ استحڪام جو مظھر، ڊالر جي ڀيٽ ۾ معمولي لاٿ ۽ چاڙھ وارو رهيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) سال 2025ع پاڪستاني معيشت خاص طور قومي ڪرنسي لاءِ استحڪام جو سال ثابت ٿيو، جتي آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ محدود گھٽتائي رڪارڊ ٿي. مالياتي ماھرن مطابق گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 2025ع دوران پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي مارڪيٽ ۾ غير معمولي دٻاءُ ڏسڻ ۾ نه آيو، جيڪو ھڪ ھاڪاري معاشي اشارو آھي. انگن اکرن مطابق ھڪ سال دوران انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ رڳو 1 رپيو 59 پيسن جو اضافو ٿيو. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر سال 2025ع جي شروعات ۾ 278 روپيا 53 پيسن تي برقرار رھيو ھو، جيڪو سال جي پڄاڻي تي وڌي 280 روپيا 12 پيسن تائين پھچي ويو. ان معمولي اضافي کي ماھر رپئي جي مجموعي استحڪام جي علامت قرار ڏئي رھيا آھن. اھڙي طرح اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ۾ محدود اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ھڪ سال دوران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 1 روپيا مھانگو ٿيو، جتي ان جي قيمت 279 روپيا 59 پيسن مان وڌي 281 روپيا 15 پيسن تائين پھچي وئي.










