نئين سال جي موقعي تي قوم کي مبارڪون هجن: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 01 جنوري(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نئين سال 2026ع جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ۽ دعا ڪئي ته نئون سال پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي وارو ثابت ٿئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته سال 2026ع جو سج پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مظلوم ۽ …

اسلام آباد – 01 جنوري(اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نئين سال 2026ع جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ۽ دعا ڪئي ته نئون سال پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي وارو ثابت ٿئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته سال 2026ع جو سج پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مظلوم ۽ محروم عوام لاءِ خوشحالي، استحڪام ۽ بهتري جي اميد کڻي اڀري. هن چيو ته نئين سال جي شروعات اسانکي اهو موقعو فراهم ڪري ٿي ته اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻيون ۽ هڪ روشن ۽ پرامن مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. سينيٽ چيئرمين چيو ته 2025ع دوران دنيا کي سنگين معاشي، سياسي. سلامتي ۽ دهشتگردي جا چئلينجز درپيش رهيا، منهنجي دعا آهي ته نئون سال بک، غربت، جنگ، دهشتگردي، فرقيواريت ۽ طبقاتي ورهاڱي جهڙن مسئلن جي خاتمي جو سال ثابت ٿئي. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي قائم ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي گڏيل احترام، برداشت ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. هن زور ڀريو ته نئين سال جي شروعات تي اسان سڀني کي الله تعاليٰ آڏو دعا ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي قائم ٿئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ترقي، خوشحالي ۽ امن جو مرڪز بڻائڻ لاءِ قومي اتحاد، گڏيل هم آهنگي ۽ گڏيل ڪوششن جي شديد ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا جي درپيش تڪرارن ۽ مسئلن جو پائيدار حل رڳو ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي جڏهن ته دهشتگردي جهڙي عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ۽ مربوط حڪمت عملي اڻٽر آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اچو نئين سال جي شروعات تي اسان عهد ڪريون ته قائداعظم محمد علي جناح ۽ مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال جي تصور مطابق پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪنهن قرباني کان پاسو نه ڪيون. هن چيو ته هي ملڪ اسانجي وڏڙن جي امانت آهي ۽ اسان سڀني تي فرض آهي ته ان جي حفاظت، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ڪريون ۽ ان کي مضبوط، پرامن ۽ اسريل بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪريون.

مزید خبریں