اسلام آباد-01 جنوري(اي پي پي) نئين سال جي شروعات تي ايبٽ آباد جي سياحتي ماڳ گليات ۾ سياري جي موسم جي پهرين برفباري جي شروعات ٿي آهي، جنهن بعد سياحن جو وڏو انگ برفباري مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ نٿياگلي پهچي ويو آهي. برف باري سبب سيءَ جي شدت ۾ رڪارڊ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ان سلسلي ۾ سياحن صحافين کي ٻڌايو ته نئين سال جي شروعات تي گليات …
نئين سال جي شروعات، سياحتي ماڳ گليات ۾ سياري جي پهرين برفباري، سياح پهچڻ شروع

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري(اي پي پي) نئين سال جي شروعات تي ايبٽ آباد جي سياحتي ماڳ گليات ۾ سياري جي موسم جي پهرين برفباري جي شروعات ٿي آهي، جنهن بعد سياحن جو وڏو انگ برفباري مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ نٿياگلي پهچي ويو آهي. برف باري سبب سيءَ جي شدت ۾ رڪارڊ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ان سلسلي ۾ سياحن صحافين کي ٻڌايو ته نئين سال جي شروعات تي گليات ۾ پهرين برفباري جي شروعات ٿي آهي. انتظاميه پاران ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن ڪنهن هنڌ به سياحن کي ڪنهن به پريشاني ناهي ٿي. ياد رهي ته نٿيا گلي ۽ ٻين سياحتي هنڌن تي سياحن جو وڏو انگ نئين سال جي تقريبن ۽ هن سال جي پهرين برفباري مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ موجود هيو. پوليس پاران سياحتي هنڌ تي خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. سياحن جو وڏو انگ مٿانهين وارن علائقن ۾ برفباري جا حسين منظر ڏسڻ لاءِ پهچي چڪو آهي. سياحتي هنڌ تي وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي. ٽريفڪ کي جاري رکڻ لاءِ روڊن جي صفائي لاءِ جي ڊي اي جو عملو هيوي مشينري ذريعي صفائي يقيني بڻائي رهيو آهي.










