2025ع جو سال تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو جڏهن هٿياربند فوج ۽ قوم گڏجي دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندي معرڪه حق ۾ تاريخ لکي، خدا ڪري ته نئين سال جو هر ڏينهن ملڪي سالميت، قومي هم آهنگي جهڙن قدرن کي مضبوط ڪري ۽ معاشي آساني، سماجي ۽ معاشرتي خوشحالي جي نويد کڻي اچي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 2025ع جو سال تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو جڏهن هٿياربند فوج ۽ قوم گڏجي دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندي معرڪه حق ۾ تاريخ لکي، خدا ڪري ته نئين سال جو هر ڏينهن ملڪي سالميت، قومي هم آهنگي جهڙن قدرن کي مضبوط ڪري ۽ معاشي آساني، …

اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 2025ع جو سال تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو جڏهن هٿياربند فوج ۽ قوم گڏجي دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندي معرڪه حق ۾ تاريخ لکي، خدا ڪري ته نئين سال جو هر ڏينهن ملڪي سالميت، قومي هم آهنگي جهڙن قدرن کي مضبوط ڪري ۽ معاشي آساني، سماجي ۽ معاشرتي خوشحالي جي نويد کڻي اچي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نئين سال 2026ع جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم قوم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته قوم کي نئين سال جون خوشيون مبارڪ هجن. هن دعا ڪئي ته نئين سال جو سج خوشين، خوشحالي ۽ الله جو فضل ۽ ڪرم کڻي اڀري، خدا ڪري ته نئين سال جو هر ڏينهن ملڪي سالميت، قومي هم آهنگي جهڙن قدرن کي مضبوط تر ڪري ۽ معاشي آساني، سماجي ۽ معاشرتي خوشحالي جي نويد کڻي اچي. وزيراعظم چيو ته 2025ع جو سال ملڪ جي دفاع جي لحاظ کان تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو جڏهن هٿياربند فوج ۽ قوم گڏجي دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندي معرڪه حق ۾ تاريخ لکي، پاڪستان جي شاهينن فضائي حدن جو اهڙو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع ڪيو جيڪو دنيا جي لاءِ مثالي ڪاميابي ۽ دنيا جي ويڙهاڪن جي لاءِ نصابي سطح تي سبق آموز مقابلو هو. انشاءَ الله پوري قوم پنهنجي دلير، بهادر ۽ باصلاحيت فوج سان گڏجي ملڪ جي دفاع ۾ سدائين شيهي جي ديوار ثابت ٿيندي. هن چيو ته گذريل سال دهشتگردي جي حملن ۾ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪندڙ شهيدن کي پڻ پوري قوم پاران اڄ جي ڏينهن خصوصي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي معاشي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ تازي معاشي انگن اکرن ۾ بهتري حڪومت جي صحيح ۽ مثبت رخ جي عڪاس آهي. هن گذريل سال ۾ شروع ڪيل انقلابي معاشي سڌارن، قدمن کي وڌيڪ تيز رفتاري ۽ بهترين انداز ۾ هن سال نئين عزم سان جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن عوام جي معاشي خوشحالي جي لاءِ موثر عملي قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته نئين سال جي موقعي تي اسان دعاڳو آهيون ته سڄي دنيا ۾ انسانيت جي عزت ۽ احترام، تحفظ، امن ۽ سلامتي، گڏيل هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ جهڙن سنهري معاشرتي قدرن جي فروغ جي لاءِ هر اڪائي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان وچن جو ورجاءُ ڪري ٿو ته هو علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ پنهنجي پرخلوص ڪوششن کي جاري رکندو. هن چيو ته هو اڄ جي ڏينهن پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪري ٿو، الله تعاليٰ پاڪستان کي دهشتگردي، فرقيواريت، ڏوهن ۽ معاشرتي ورڇ جهڙي شر کان محفوظ رکي ۽ ايندڙ سال پاڪستان معاشرتي ۽ سياسي هم آهنگي، خوشحالي ۽ استحڪام جو ڳڙهه رهي.

مزید خبریں