پاڪستان جو سفارتڪار رفيع الدين احمد مٽيءَ ماءُ حوالي

نيويارڪ-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي سفارتڪار رفيع الدين احمد کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جيڪو ڇنڇر تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. مرحوم جي نيو جرسي ۾ تدفين ڪئي وئي.مرحوم ڪيترن سالن تائين اهم عهدن تي رهيو ۽ ڊهو عرصو بيمار رهڻ بعد نيو يارڪ جي اسپتال ۾ 93 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. مرحوم جي جنازي نماز ۾ سندس دوستن، گڏيل قومن جي ساٿين ۽ وارثن …

نيويارڪ-30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي سفارتڪار رفيع الدين احمد کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جيڪو ڇنڇر تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. مرحوم جي نيو جرسي ۾ تدفين ڪئي وئي.مرحوم ڪيترن سالن تائين اهم عهدن تي رهيو ۽ ڊهو عرصو بيمار رهڻ بعد نيو يارڪ جي اسپتال ۾ 93 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. مرحوم جي جنازي نماز ۾ سندس دوستن، گڏيل قومن جي ساٿين ۽ وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون به مرحوم جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان حڪومت جي نمائندگي ڪئي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد مرحوم جي لاڏاڻي تي پنهنجي بيان ۾ کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو عالمي سفارتڪاري ۾ هڪ ڏي ميراث ڇڏي ويو جيڪا نوجوان سفارتڪارن لاءِ تحريڪ جو سبب بڻجندي.

مزید خبریں