انڊونيشيا جي نرسنگ ھوم ۾ باھه لڳڻ سبب 16 ڄڻا فوت

جڪارته-29 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي سولاويسي جي گادي واري شھر منادو ۾ نرسنگ ھوم ۾ باھه لڳڻ سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، جن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اتر صوبي سولاويسي جي ريجنل پوليس (پولڊاسولاوت) ٻڌايو ته باھه جو واقعو گذريل رات اٽڪل 8 لڳي 36 منٽن تي منادو جي ضلعي پال دوا جي سب ڊسٽرڪٽ رانو موت ۾ قائم پنتي …

جڪارته-29 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبي سولاويسي جي گادي واري شھر منادو ۾ نرسنگ ھوم ۾ باھه لڳڻ سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، جن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اتر صوبي سولاويسي جي ريجنل پوليس (پولڊاسولاوت) ٻڌايو ته باھه جو واقعو گذريل رات اٽڪل 8 لڳي 36 منٽن تي منادو جي ضلعي پال دوا جي سب ڊسٽرڪٽ رانو موت ۾ قائم پنتي وردھادمائي جي نرسنگ ھوم ۾ پيش آيو، جنھن جو اطلاع ملندي ئي منادو سٽي حڪومت طرفان 3 فائر بريگيڊ گاڏيون موقعي تي پھچي ويون، جن وقت تي باھه تي ضابطو آڻي ڇڏيو. باھه لڳڻ جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن. ھن ٻڌيو ته لاشن جي سڃاڻپ جاري آھي. باھه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي پوليس اھلڪارن فوري طور علائقي کي محفوظ بڻايو ۽ ريسڪيو ڪارروائين ۾ مدد ڪئي. ھن چيو ته زخمين کي ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته پوليس جي فارنزڪ ٽيمن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

مزید خبریں