ميڪسيڪو ۾ ريل گاڏي پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب 13 ڄڻا اجل جو شڪار ، 98 زخمي

ميڪسيڪو سٽي-29 ڊسمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو ۾ ريل گاڏي پٽري تان لهي وڃڻ سبب 13 ڄڻا اجل شڪار ۽ 98 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو ڏکڻ رياست اوڪساڪا ۾ انٽر اوشينڪ ٽرين کي چيويلا ۽ نزانڊا جي علائقن وچ ۾ پيش آيو. ريل گاڏي ۾ 250 ماڻهو سوار هئا، انهن مان عملي جا 9 ۽ 241 مسافر شامل هئا، حادثي ۾ زخمي ٿيل 36 ماڻهن کي …

ميڪسيڪو سٽي-29 ڊسمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو ۾ ريل گاڏي پٽري تان لهي وڃڻ سبب 13 ڄڻا اجل شڪار ۽ 98 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو ڏکڻ رياست اوڪساڪا ۾ انٽر اوشينڪ ٽرين کي چيويلا ۽ نزانڊا جي علائقن وچ ۾ پيش آيو. ريل گاڏي ۾ 250 ماڻهو سوار هئا، انهن مان عملي جا 9 ۽ 241 مسافر شامل هئا، حادثي ۾ زخمي ٿيل 36 ماڻهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، انهن مان پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ميڪسيڪو جي اٽارني جنرل جي آفيس موجب حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں