ڀارت ۾ سک عورت مسجد لاءِ پنهنجي زمين عطيو ڪري ڇڏي

نئين دهلي -27 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي رياست پنجاب جي ضلع فتح ڳڙهه صاحب جي ڳوٺ ۾ هڪ 75 سالن جي پوڙهي سک عورت راجندر ڪور مسجد جي تعمير لاءِ پنهنجي زمين عطيو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سک ۽ هندو خاندانن به ان ڪم ۾  مالي طور سهڪار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  ان ڳوٺ ۾ 400 کان 500  سک خاندان آباد آهن، جڏهن ته هتي هندن جا …

نئين دهلي -27 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي رياست پنجاب جي ضلع فتح ڳڙهه صاحب جي ڳوٺ ۾ هڪ 75 سالن جي پوڙهي سک عورت راجندر ڪور مسجد جي تعمير لاءِ پنهنجي زمين عطيو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سک ۽ هندو خاندانن به ان ڪم ۾  مالي طور سهڪار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  ان ڳوٺ ۾ 400 کان 500  سک خاندان آباد آهن، جڏهن ته هتي هندن جا اٽڪل 150 ۽ مسلمانن جا لڳ ڀڳ 100  خاندان به آباد آهن. چندي ڳڙهه کان 55 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ان ڳوٺ ۾ هڪ ردواره ۽ شيو مندر به موجود آهي، جڏهن ته هن وقت تائين اتي ڪا به مسجد تعمير نه ٿي هئي، زمين عطيو ڪندڙ عورت راجندر ڪور چيو ته هتي اسان جي مسلمان ڀائرن لاءِ ڪا به مسجد ناهي ۽ کين نماز لاءِ ٻين ڳوٺن ڏانهن وڃڻو ٿو پوي، تنهن ڪري مان پنهنجي زمين ڏيڻ جو سوچيو آهي، ته جيئن کين نماز لاءِ ڪاءِ جڳهه هجي، ان قدم تي ان ڳوٺ ۾ موجود سمورا مسلمان تمام گهڻو خوش  آهن.

مزید خبریں