آمريڪي شهري پاور بال جو 1.8 ارب ڊالرن جو انعام کٽي ورتو

واشنگٽن-26 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست آرڪنساس ۾ هڪ خوش نصيب شخص پاور بال جو 1.8 ارب ڊالرن جو انعام کٽي ورتو جيڪا هيستائين جي کٽيل آمريڪا جي ٻي وڏي لاٽري جيڪ پاٽ آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق پاور بال گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ويو ته حتمي ٽڪيٽ وڪري  بعد پاور پال جو جيڪ پاٽ 1.817 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو هيستائين کٽيل ملڪ جي ٻي …

واشنگٽن-26 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست آرڪنساس ۾ هڪ خوش نصيب شخص پاور بال جو 1.8 ارب ڊالرن جو انعام کٽي ورتو جيڪا هيستائين جي کٽيل آمريڪا جي ٻي وڏي لاٽري جيڪ پاٽ آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق پاور بال گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ويو ته حتمي ٽڪيٽ وڪري  بعد پاور پال جو جيڪ پاٽ 1.817 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو هيستائين کٽيل ملڪ جي ٻي سڀ کان وڏي لاٽري جيڪ پاٽ ۽ هلندڙ سال جو سڀ کان وڏو پاور بال انعام آهي. اها قرعه اندازي ڪرسمس جي موقعي تي گذريل ڏينهن شام جو ڪئي وئي . فاتح کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو سموري رقم 30 ساليانو قسطن ۾ وصول ڪري يا ٽيڪس کان اڳ 834.9 ملين ڊالرن جي هڪ ڀيرو روڪ رقم وٺڻ جي چونڊ ڪري . تاريخ جي سڀ کان وڏي لاٽري جو انعام 2.04 ارب ڊالرز هو جيڪو 2022ع ۾ ڪيليفورنيا مان ٽڪيٽ خريدڪرڻ واري هڪ شخص کي ڏنو ويو هو . قرعه اندازي جا ڪامياب نمبر 52،31،25،4 ۽ 59 هئا جڏهن ته پاور نمبر 19 هو . پاور  بال مطابق ڪرسمس ايوپر ان کان اڳ رڳو هڪ ڀيرو 2011ع ۾ جيڪ پاٽ کٽيو هو جڏهن ته ڪرسمس جي ڏينهن هيستائين چار ڀيرا جيڪ پاٽ نڪري چڪو آهي. پاور بال جي شروعات 1992ع ۾ ٿي هئي .

مزید خبریں