قاهره - 26 ڊسمبر (اي پي پي ) مصر جي اختيارين غزه لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اٽڪل 5900 ٽن امدادي سامان تي ٻڌل قافلو روانو ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي هلال احمر گذريل ڏينهن ” زاد العزت “ مصر کان غزه تائين “ جي عنوان سان 102 هون قافلو روانو ڪيو ،جيڪو هنگامي انساني امداد جي ٽرڪن تي ٻڌل آهي . اهو امداد جي …
مصر پاران غزه لاءِ امدادي سامان روانو

مزید خبریں
قاهره – 26 ڊسمبر (اي پي پي ) مصر جي اختيارين غزه لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اٽڪل 5900 ٽن امدادي سامان تي ٻڌل قافلو روانو ڪري ڇڏيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق مصر جي هلال احمر گذريل ڏينهن ” زاد العزت “ مصر کان غزه تائين “ جي عنوان سان 102 هون قافلو روانو ڪيو ،جيڪو هنگامي انساني امداد جي ٽرڪن تي ٻڌل آهي . اهو امداد جي فراهمي لاءِ قومي رابطه ڪار اداري طور ان جي مسلسل ڪوشش جو حصو آهي . ان قافلي ۾ اٽڪل 3 هزار ٽن خوراڪ جا پيڪيٽس ۽ اٽو، 1900 ٽن کان وڌيڪ طبي امدادي سامان ۽ هڪ هزار ٽن کان وڌيڪ پيٽروليم مصنوعات شامل آهن . هلال احمر اعلان ڪيو ته غزه لاءِ سياري جي موسم جون بنيادي شيون موڪليون ويون آهن، جن ۾ 33،200 کان وڌيڪ ڪمبل ، اٽڪل 15،350 گرم ملبوسات ، 4،800 بسترا ، ۽ متاثرن جي پناهه لاءِ 3،150 خيما شامل آهن .











