لاهور- 23 ڊسمبر (اي پي پي) موسيقي جي دنيا جي ملڪه ۽ ناليواري گلوڪاره ملڪه ترنم نور جهان کي مداحن کان وڇڙي 25 سال گذري ويا. ميڊم نور جهان 21 سيٽپمبر 1926ع تي قصور جي موسيقار گهراڻي ۾ پيدا ٿي ۽ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 9 ورهين جي عمر ۾ ڪئي ۽ جلد ئي هڪ چائلڊ اسٽار بڻجي وئي. گلوڪاره ملڪه ترنم نور جهان، پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران هزارين …
ملڪه ترنم نور جهان کي مداحن کان وڇڙي 25 سال گذري ويا

مزید خبریں
لاهور- 23 ڊسمبر (اي پي پي) موسيقي جي دنيا جي ملڪه ۽ ناليواري گلوڪاره ملڪه ترنم نور جهان کي مداحن کان وڇڙي 25 سال گذري ويا. ميڊم نور جهان 21 سيٽپمبر 1926ع تي قصور جي موسيقار گهراڻي ۾ پيدا ٿي ۽ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 9 ورهين جي عمر ۾ ڪئي ۽ جلد ئي هڪ چائلڊ اسٽار بڻجي وئي. گلوڪاره ملڪه ترنم نور جهان، پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران هزارين گيت ڳايا ۽ 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران قومي نغما به ڳايا، جيڪي اسان جي قومي تاريخ جو اهم حصو آهن. نور جهان جي ڳايل گيتن ۽ غزلن هميشه اهل ذوق جي پذيرائي حاصل ڪئي، حڪومت پاڪستان، سندس خدمتن کي ساراهيندي حسن ڪارڪردگي جي صدارتي تمغو ۽ نشان امتياز به عطا ڪيو. ملڪه ترنم نورجهان 23 ڊسمبر 2000ع تي بيماري کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي، پر سندس گيتن جو آواز اڄ به مداحن جي دلين ۾ زنده آهي.










