ڪربلا - 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڪربلا جي گورنر ڊاڪٽر ناصيف جاسم الخطابي ڪالهه اڱاري ڏينهن مانجهاندي جو اهتمام ڪيو. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ تاريخي جاين جي تحفظ جهڙا موضوع شامل هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شاندار استقبال تي ٿورا …
صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڪربلا جي گورنر پاران مانجهاندي جو اهتمام

مزید خبریں
ڪربلا – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڪربلا جي گورنر ڊاڪٽر ناصيف جاسم الخطابي ڪالهه اڱاري ڏينهن مانجهاندي جو اهتمام ڪيو. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ تاريخي جاين جي تحفظ جهڙا موضوع شامل هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهڙي شهر ۾ موجود هجڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي جيڪو اسلام جي ڪجهه مقدس ترين جاين جو ميزبان آهي. عراق جو هي دورو صدر آصف علي زرداري جي خطي ۾ سفارتي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي وسيع تر ڪوششن جو حصو آهي. سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کانسواءِ عراق ۾ پاڪستان جو سفير پڻ صدر سان گڏ هئا.










