وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ويزا ڪليئرنس نظام جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 23 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ويزا ڪليئرنس نظام جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پاڪستانين جي لاءِ شفاف ۽ محفوظ نظام تحت ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ آهي. وفاقي ڪابينا نيشنل يونيورسٽي فار سيڪيورٽي سائنسز اسلام آباد 2025ع جي بل جي تنسيخ ۽ پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع (پي پي آر اي آرڊيننس 2002ع) …

اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ويزا ڪليئرنس نظام جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پاڪستانين جي لاءِ شفاف ۽ محفوظ نظام تحت ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ آهي. وفاقي ڪابينا نيشنل يونيورسٽي فار سيڪيورٽي سائنسز اسلام آباد 2025ع جي بل جي تنسيخ ۽ پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع (پي پي آر اي آرڊيننس 2002ع) ۾ ترميمن جي اصولي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سياسي هم آهنگي جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان پرامن ڳالهين جي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي. سندس چوڻ هو ته ذاتي طور تي سمورين سياسي پارٽين کي ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي، سياسي ڳالهه ٻولهه جي آڙ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن ڪڌي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جي شفاف، مستنند ۽ قابل اعتبار نجڪاري جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن پوري قوم کي انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. وفاقي ڪابينا پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي آف گرڊ پاور پلانٽس ليوي ايڪٽ 2025ع جي توسيع ٽئين ڌر پاران ڪيپٽيو پاور پلانٽس کي گئس جي وڪري تي پڻ ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پبلڪ ٽينڊرنگ ۽ پروڪيورمنٽ جي سمورن مرحلن کي جديد موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع ۾ ترميم جي اصولي منظوري پڻ ڏني. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا نيشنل يونيورسٽي فار سيڪيورٽي سائنسز اسلام آباد 2025ع جي بل جي تنسيخ جي منظوري ڏيندي قومي اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبرز بلز ۽ ٻي قانونسازي جي لاءِ موثر انداز ۾ مشاورت جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وفاقي ڪابينا نيشنل ڪينبيز ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري پاليسي 2025ع جي منظوري پڻ ڏني جنهن جو مقصد ملڪ ۾ فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ نباتاتي ٻوٽن جي استعمال جو فروغ آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي ويزا ڪليئرنس نظام جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پاڪستانين جي لاءِ هڪ شفاف ۽ محفوظ نظام تحت انهن جي ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ آهي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 20 آڪٽوبر 2025ع، 5 نومبر 2025ع ۽ 21 نومبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 18 ڊسمبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.

مزید خبریں