ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ محمد سھيل آفريدي پاران ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي حملي جي مذمت

پشاور- 23 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وزير اعليٰ محمد سھيل آفريدي گذريل ڏينھن ضلعي ڪرڪ جي علائقي گرگري ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ 5 پوليس اھلڪارن جي شھادت تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پشاور جي وزيراعليٰ ھائوس جي ترجمان مطابق خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ محمد سھيل آفريدي چيو آھي ته پوليس موبائيل تي حملو انتھائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آھي، …

پشاور- 23 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وزير اعليٰ محمد سھيل آفريدي گذريل ڏينھن ضلعي ڪرڪ جي علائقي گرگري ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ جي واقعي جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ 5 پوليس اھلڪارن جي شھادت تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پشاور جي وزيراعليٰ ھائوس جي ترجمان مطابق خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ محمد سھيل آفريدي چيو آھي ته پوليس موبائيل تي حملو انتھائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آھي، ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سندن انجام تائين پھچايو ويندو. سھيل آفريدي چيو ته پوليس اھلڪارن جون قربانيون ضايع نه وينديون، صوبائي حڪومت پوليس سان گڏ آھي. ھن چيو ته امن امان قائم رکڻ حڪومت جي پھرين ترجيح آھي، اھڙي قسم جا بزدلاڻا حملا اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگھن. ھن پوليس جي شھيدن جي وارثن سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪندي چيو ته پوليس اھلڪار امن امان لاءِ پنھنجين حياتين جو نذرانو پيش ڪيو، صوبائي حڪومت شھيدن جي ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آھي.

مزید خبریں