سيئول- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي پهرين ڪمرشل خلائي لانچ گاڏي جي اڏام لانچ جي فوري بعد فني خرابي سبب ناڪام ٿي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن پيش آيل ان واقعي ۾ راڪيٽ مشن مڪمل نه ٿي سگهيو . هان بٽ - نانو نالي لانچ وهيڪل جنهن کي خلائي ڪمپني انو اسپيس تيار ڪيو هيو، مقامي وقت موجب صبح جو 10 لڳي 13 منٽن …
ڏکڻ ڪوريا جي پهرين ڪمرشل خلائي لانچ گاڏي جي اڏام ناڪام

مزید خبریں
سيئول- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي پهرين ڪمرشل خلائي لانچ گاڏي جي اڏام لانچ جي فوري بعد فني خرابي سبب ناڪام ٿي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن پيش آيل ان واقعي ۾ راڪيٽ مشن مڪمل نه ٿي سگهيو . هان بٽ – نانو نالي لانچ وهيڪل جنهن کي خلائي ڪمپني انو اسپيس تيار ڪيو هيو، مقامي وقت موجب صبح جو 10 لڳي 13 منٽن تي برازيل جي الڪانتارا اسپيس سينٽر تان روانو ڪيو ويو. لانچ جي فوري بعد راڪيٽ ۾ غير معمولي خرابي پيدا ٿي جنهن جي نتيجي ۾ اهو ڀڃ داهه جو شڪار ٿي امڪاني طور ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو ۽ ائين اهو مشن ناڪام قرار ڏنو ويو. واقعي بعد اڃا تائين انو اسپيس پاران ان حوالي سان ڪو به باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.











