آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀارت جا 8 جھاز ڪيرائڻ بابت ڳالھيون

فلوريڊا- 23 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڀارتي ويڙھاڪ جھازن جي تباھي جو ذڪر ڪندي چيو آھي ته مون آمريڪي صدر جي حيثيت سان دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايون آھن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مون دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايون، جن مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ پاڪ - …

فلوريڊا- 23 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڀارتي ويڙھاڪ جھازن جي تباھي جو ذڪر ڪندي چيو آھي ته مون آمريڪي صدر جي حيثيت سان دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايون آھن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ھڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مون دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايون، جن مان سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ پاڪ – ڀارت جنگ ھئي، جيڪڏھن اھا جنگ جاري رھي ھا ته ان جا اثر عالمي سطح تي پکڙجي سگھيا ٿي. ھن چيو ته پاڪ -ڀارت جنگ ۾ 8 جھاز ڪيرايا ويا. صدر ٽرمپ ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف ڪندي چيو ته سندس شخصيت انتھائي قابل احترام آھي، ان کان علاوه پاڪستان جو وزيراعظم به چئي چڪو آهي ته صدر ٽرمپ ھڪ ڪروڙ حياتيون بچايون آهن. آمريڪي صدر طاقتور ٽرمپ ڪلاس سامونڊي جھاز تيار ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته آبدوز سازي ۾ آمريڪا ڪنھن به ملڪ کان 15 سال اڳيان آھي. واضح رھي ته ھلندڙ سال مئي ۾ ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان ڀرپور ڪارروائي ڪندي رافيل سميت ڀارت جا 8 جديد ترين جھاز ڪيرايا ھئا.

مزید خبریں