ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪرسمس جي ڏڻ جي مُناسبت سان روايتي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب منعقد

اسلام آباد  -22 ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪرسمس جي ڏڻ جي مُناسبت سان روايتي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جيڪا ايجنسي جي مختلف مذهبي برادرين ۾ امن، محبت ۽ ايڪتا جي علامت آهي. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، چيف رپورٽر عباس علي چوهاڻ ۽ سينئر آفيسرن اي پي پي …

اسلام آباد  -22 ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪرسمس جي ڏڻ جي مُناسبت سان روايتي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جيڪا ايجنسي جي مختلف مذهبي برادرين ۾ امن، محبت ۽ ايڪتا جي علامت آهي. اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، چيف رپورٽر عباس علي چوهاڻ ۽ سينئر آفيسرن اي پي پي جي مسيحي عملي سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي گرمجوشي ۽ پرجوش نموني ملهايل جشن سان اداري جي عملي ۾ اتحاد ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي اجاگر ڪيو ويو. مسيحي برادري کي مبارڪباد پيش ڪندي اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي گڏيل احترام، سمجهه ۽ گڏيل بقا جي اهميت تي زور ڏنو. ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب پڻ مُبارڪباد ڏيندي محبت، برابري ۽ ايڪتا جي قدرن کي اجاگر ڪيو. مئنيجر ايڊمنسٽريشن ملڪ خضر زمان اعواڻ، اي پي پي ايمپلائيز يونين جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نديم اقبال، ۽ لياقت ڀٽي گرمجوشي سان ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون ۽ مسيحي عملي جي تعاون جي واکاڻ ڪندي سڀني لاءِ برابري جي عزم جو اظهار ڪيو. اي پي پي آفيس کي رنگ به رنگي ڦوڪڻن ۽ ڪرسمس ٽري سان سينگاريو ويو هو، جنهن سان خوشي جي جذبي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو.

مزید خبریں