نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ضروري/ ڪيش ڪراپ بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 22 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ضروري/ ڪيش ڪراپ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق، واپار واري وزارت، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ سمورن صوبن جي زرعي ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس …

اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ضروري/ ڪيش ڪراپ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي جي ميمبرن کانسواءِ قومي غذائي تحفط ۽ تحقيق، واپار واري وزارت، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ سمورن صوبن جي زرعي ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪڻڪ جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي مختلف طريقن ۽ ذريعن تي غور ڪيو ويو. ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فصل ۽ ڪڻڪ جي ذخيرن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته سال 26 – 2025ع جون ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ذخيرو ٿيل ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ دستياب آهي. ربيع 26 – 2025ع جي لاءِ ڪڻڪ جي پوکيءَ بابت صوبن پاران فراهم ڪيل انگ اکر پڻ پيش ڪيا ويا جيڪي مقرر هدف موجب آهن. اها بهتري عبوري قومي ڪڻڪ پاليسي 26 – 2025ع جي وقت سر لاڳو جي ڪري ممڪن ٿي جنهن سان آبادگار برادري ۾ مثبت تاثر ۽ اعتماد پيدا ٿيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تصديق ٿيل ٻج ۽ اهم زرعي شين (ان پٽس) جي مُڪمل دستيابي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڪڻڪ ۾ پاڻڀرائپ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي ساراهيو. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو بهتر ڪڻڪ جي قسمن جي ذريعي پيداواري صلاحيت وڌائيندڙ شعبن تي ڌيان ڏين ۽ ايندڙ سالن ۾ قومي غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مسلسل رابطو ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

مزید خبریں