تعليم عيوض ڪاميابي ۽ ترقي وراثت ۾ نه پر محنت، حوصلي، نظم ۽ ضبط ۽ اعليٰ ڪردار ذريعي ملي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

حيدرآباد - 22 ڊسمبر (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 63هين والدين جي ڏهاڙي جي شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپل ڪموڊور فيصل اقبال قاضي سان پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. پرنسپل …

حيدرآباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 63هين والدين جي ڏهاڙي جي شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپل ڪموڊور فيصل اقبال قاضي سان پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. پرنسپل ڪاليج جي سالياني تعليمي ۽ تربيتي سرگرمين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڪيڊٽس بلاول ڀٽو زرداريءَ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته پي ٽي شو، جمناسٽڪ، گهوڙي سواري ۽ ٻين ڪرتبن جو به مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي والدين ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن خوب ساراهيو.

تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم جو مقصد شاگردن کي اهو سِيکارڻ آهي ته ڪاميابي ۽ ترقي وراثت ۾ نه پر محنت، استقامت، نظم و ضبط ۽ اعليٰ ڪردار ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته هي ادارو سندن خاندان لاءِ به خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس والد صدر آصف علي زرداري به ان مقام تان گذري چڪو آهي. هن چيو ته سندس والد پاڪستان جو واحد سويلين صدر آهي، جيڪو ٻه ڀيرا چونڊيو ۽ 13 سال سياسي قيد ۾ به رهيو، جنهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان حاصل ڪيل تربيت ۽ حوصلو سندس ثابت قدم رهڻ جو سبب بڻيو. بلاول ڀٽو ڪيڊٽس کي نصيحت ڪئي ته چاهي توهان پاڪ فوج جي وردي پهريو يا ڪلاس رومز، ليبارٽريز، عدالتن، بورڊ رومز ۽ عوامي ادارن ۾ خدمت ڪريو، پاڪستان جي خدمت سڄي زندگي جو عهد آهي. هن چيو ته قيادت غرور سان نه پر عاجزي سان، گوڙ سان نه پر عزم سان ڪئي ويندي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ پاڪستان معاشي دٻاءُ، علائقائي غير يقيني واري صورتحال ۽ تيزيءَ سان بدلجندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته قوم ۾ حوصلي ۽ مزاحمت جي کوٽ ناهي. هن ويجهڙ ۾ هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ اتحاد ذريعي حاصل ڪيل عسڪري ۽ اخلاقي ڪاميابي جي تعريف پڻ ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي بلاول ڀٽو زرداري بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ورهايا. ان موقعي تي والدين جو وڏو انگ موجود هو، جيڪو ڪاليج جي ترقي ۽ ڪيڊٽش جي صلاحيتن کي ڏسڻ لاءِ جمع ٿيو هو. ان موقعي تي ايم اين ملڪ اسد سڪندر، ايم پي ايز سڪندر شورو ۽ ملڪ سڪندر، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري، ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا سميت ٻين آفيسر به موجود هئا.

مزید خبریں