قومي يوٿ پاليسي نوجوانن کي ذاتي، تعليمي ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ منظم رستا فرهم ڪرڻ جو بنياد بڻي: رانا مشهود احمد خان

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو ته قومي يوٿ پاليسي نوجوانن کي ذاتي، تعليمي ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ منظم رستا فراهم ڪرڻ جو بنياد بڻي ۽ وفاقي حڪومت انهن اهم قدمن کي اڳتي وڌائي نوجوانن کي هر سطح تي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڇ اي سي ۾ رٿيل انٽرنيشنل ايم او …

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو ته قومي يوٿ پاليسي نوجوانن کي ذاتي، تعليمي ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ منظم رستا فراهم ڪرڻ جو بنياد بڻي ۽ وفاقي حڪومت انهن اهم قدمن کي اڳتي وڌائي نوجوانن کي هر سطح تي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڇ اي سي ۾ رٿيل انٽرنيشنل ايم او آءِ سي سمٽ پاڪستان 2025ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بنائڻ ۽ کين موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. تقريب ۾ اسلامي تعاون يوٿ فورم جي صدر، هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي نمائندي ۽ نوجوانن به شرڪت ڪئي. پهنجي خطاب ۾ هن پنجاب ۾ پنهنجي دؤر جو ذڪر ڪيو، جتي ان وقت جي وڏي وزير محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان جي پهرين قومي يوٿ پاليسي متعارف ڪرائي وئي هئي. اها پاليسي نوجوانن کي ذاتي، تعليمي ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ منظم رستا فراهم ڪرڻ جو بنياد بڻي ۽ وفاقي حڪومت انهن اهم قدمن کي اڳتي وڌائي نوجوانن کي هر سطح تي مضبوط بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. رانا مشهود احمد خان چيو ته ايم او آءِ سي جهڙا عالمي پليٽ فارمز نوجوان قيادت کي اُڀارڻ لاءِ اهم آهن، جتي نوجوان جدت وارن آئيڊياز ۽ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار ڪري سگهن ٿا ۽ پائيدار ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جلد پنهنجي پهرين قومي اِي اسپورٽس پاليسي به متعارف ڪرائيندو، جنهن سان نوجوانن لاءِ ڊجيٽل ۽ گيمنگ شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ڪيريئر جا وڌيڪ رستا کُلندا. ان موقعي تي اسلامي تعاون يوٿ فورم جي صدر پاڪستان جي نوجوان دوست پاليسين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي ۽ ايم او آءِ سمٽ جهڙا فورمز گڏيل ويزن ۽ سهڪار ذريعي نوجوانن جي مستقبل کي بهتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. انٽرنيشنل ايم او آءِ سمٽ پاڪستان 2025ع ۾ نوجوان ليڊرز، پاليسي ساز، ماهر ۽ عالمي ڀائيوار شامل آهن ته جيئن نوجوانن جي ترقي، جدت، ڪاروباري موقعا ۽ عالمي سهڪار جهڙن اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. ان سمٽ ذريعي شرڪت ڪندڙن کي اهو موقعو ملي ٿو ته هو پنهنجا حل، بهترين طريقي ۽ آئيڊياز پيش ڪري پاڪستان جي نوجوانن لاءِ اثرائتي پاليسي سازيءَ ۾ حصو وجهي سگهن.

مزید خبریں