گڏيل عرب امارات جي صدر سان ايلون مسڪ جي ملاقات

ابوظهبي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان اسپيس ايڪس ۽ ٽيسلا جي چيف ايگزيڪٽو ايلون مسڪ ابوظهبي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ اماراتي صدر، ريلوي مسڪ سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ گهربل موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان موقعي …

ابوظهبي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان اسپيس ايڪس ۽ ٽيسلا جي چيف ايگزيڪٽو ايلون مسڪ ابوظهبي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ اماراتي صدر، ريلوي مسڪ سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ گهربل موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان موقعي مان فائدو کڻڻ جي طريقن ۽ ان جي حل تي ڳالهيون ڪيون جنهن ذريعي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ گڏيل عرب امارات جي حڪمت عملي ۽ ان جي حصيدارين تي به ڳالهيون ٿيون.