سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6200 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6 هزار 200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 62 هزار 362 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 6 هزار 200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 62 هزار 362 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 5315 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 91 هزار 085 رپين مان وڌي 3 لک 96 هزار 400 رپيا …

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 6 هزار 200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 62 هزار 362 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 6 هزار 200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 62 هزار 362 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 5315 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 91 هزار 085 رپين مان وڌي 3 لک 96 هزار 400 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 58 هزار 507 رپين مان وڌي 3 لک 63 هزار 379 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 218 رپين جي واڌ کانپوءِ 7205 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 187 رپين جي واڌ کانپوءِ 6177 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4338 ڊالر مان وڌي 4400 ڊالر ٿي وئي.

مزید خبریں