اسلام آباد - 22 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گهٽ کان گهٽ لاڳت ۽ وقت ۾ تصديق ۽ اپوسٽيل جي خدمتن جي لا شفاف ۽ موثر تصديقي نظام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قونصلر خدمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو …
اسحاق ڊار پاران گهٽ کان گهٽ لاڳت ۽ وقت ۾ تصديق ۽ اپوسٽيل جي خدمتن جي لا شفاف ۽ موثر تصديقي نظام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گهٽ کان گهٽ لاڳت ۽ وقت ۾ تصديق ۽ اپوسٽيل جي خدمتن جي لا شفاف ۽ موثر تصديقي نظام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قونصلر خدمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت ۾ قونصلر معاملن جي ٽيم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي تفصيلي بريفنگ ۾ عوام کي فراهم ڪئي ويندڙ تصديق ۽ اپوسٽيل خدمتن جي نمايان خصوصيتن ۽ ان حوالي سان جوڙيل طريقيڪار کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قونصلر سروسز ٽيم پاران کنيل قدمن جو جائزو وٺندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شفاف ۽ موثر تصديقي نظام کي يقيني بڻائڻ پرڏيهي وزارت جي مشن جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن عوام کي گهٽ کان گهٽ لاڳت ۽ وقت سر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.











