موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت سي آءِ ٽي اي ايس مئنيجمينٽ اٿارٽي ذريعي سال 26-2025ع لاءِ ٽرافي هنٽنگ ڪوٽا جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاڪستان جي سي آءِ ٽي اي ايس مئنيجمينٽ اٿارٽي ذريعي سال 26-2025ع لاءِ ٽرافي هنٽنگ ڪوٽا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو فيصلو مستند آبادياتي سرويز ۽ سائنسي شاهدين جي بنياد تي ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان ۾ شفاف ۽ شاهدين تي ٻَڌل وائلڊ لائف گورننس طرفان هڪ اهم اڳڀرائي آهي. گذريل ڏينهن وزارت مان …

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاڪستان جي سي آءِ ٽي اي ايس مئنيجمينٽ اٿارٽي ذريعي سال 26-2025ع لاءِ ٽرافي هنٽنگ ڪوٽا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهو فيصلو مستند آبادياتي سرويز ۽ سائنسي شاهدين جي بنياد تي ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان ۾ شفاف ۽ شاهدين تي ٻَڌل وائلڊ لائف گورننس طرفان هڪ اهم اڳڀرائي آهي. گذريل ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب پاڪستان حياتياتي جدت جي ڪنوينشن ۽ جنگلي حيات ۽ نباتات جي بقا جي خطري سان ٻن چئن قسمن جي عالمي واپاري بابت ڪنوينشن (سي آءِ ٽي اي ايس) جو صحيح ڪيل ۽ پائيدار ۽ سائنسي بنيادن تي ٻَڌل تحفظ فطرت جي طريقيڪار ذريعي پنهنجي عالمي ذميدارين جي مڪمل پاسداريءَ جو عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. 26-2025ع لاءِ منظور ٿيل ٽرافي هنٽنگ ڪوٽا جن قسمن لاءِ مختص ڪيو ويو آهي انهن ۾ مارخور، هماليان ابيڪس، سنڌ آءِ بيڪس، بلينڊ فروڊيوريئل، پنجاب يوريئل، بلوشيپ ۽ ڪينيون گزيلي شامل آهن، اها ڪوٽا عالمي سطح تي تسليم ٿيل پائيدار استعمال جي اصولن موجب آهي ۽ صوبائي وائلڊ لائيف کاتي طرفان فراهم ڪيل آبادياتي انگن اکرن جي محتاط جائزي تي ٻَڌل آهي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي قيادت ۾ وزارت ڪوٽا الاٽمينٽ جي عمل کي اثرائتو ۽ منظم بڻايو آهي ته جيئن شفافيت، جوابدهي ۽ شاهدين تي ٻَڌل فيصله سازيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ تحفظِ فطرت بابت فيصلا انتظامي روايت بدران مستند سائنسي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيا وڃن. وزارت سڄي ملڪ ۾ وائلڊ لائف سروي جي طريقيڪار کي مضبوط ۽ معياري بنائڻ لاءِ به ڪوشان آهي ته جيئن آباديءَ بابت وڌيڪ مستحڪم ۽ اعتماد جوڳا انگ اکر حاصل ڪري سگهجن، انهن قدمن جو مقصد جنگلي جيوت جي تحفظ جي بهتر نتيجن سان گڏوگڏ مقامي آباديءَ کي به فائدو پهچائڻ آهي جتي ڪميونٽي بيسڊ ڪنزرويشن کي پاڪستان جي وائلڊ لائف مئنيجمينٽ فريم ورڪ جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو ويو آهي. اهي قدم پائيدار وائلڊ لائيف استعمال، عالمي تحفظِ فطرت جي گهرجن جي پاسداري ۽ اهڙن جامع تحفظي ماڊلز لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي ماحولياتي توازن ۽ سماجي ۽ معاشي فائدن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪن ٿا.

مزید خبریں