اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 100 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 17 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 26 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 6 …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 100 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 17 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 26 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ رڪارڊ ناھي ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1485.50 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.460 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1200.25 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.266 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 639.70 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.022 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










