تهران- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ايران اعتراف ڪيو آهي ته جون ۾ ايٽمي ٺڪاڻن کي آمريڪي حملن سبب ٿيل نقصان باوجود انهن جي ايٽمي ٽيڪنالاجي هاڻي به برقرار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو حملن کان ڪيترائي مهينا اڳ ايٽمي پروگرام جي حوالي سان ڳالهين لاءِ خاص آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف سان سڌي ريت رابطي ۾ هو. واضح …
ايٽمي ٺڪاڻن کي آمريڪي حملن سبب نقصان پهچڻ باوجود انهن جي ايٽمي ٽيڪنالاجي هاڻي به برقرار آهي: ايران

مزید خبریں
تهران- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ايران اعتراف ڪيو آهي ته جون ۾ ايٽمي ٺڪاڻن کي آمريڪي حملن سبب ٿيل نقصان باوجود انهن جي ايٽمي ٽيڪنالاجي هاڻي به برقرار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو حملن کان ڪيترائي مهينا اڳ ايٽمي پروگرام جي حوالي سان ڳالهين لاءِ خاص آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف سان سڌي ريت رابطي ۾ هو. واضح رهي ته ايران جي اختيارين ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته هو ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ناهن ڪري رهيا، پر سندن دعويٰ آهي ته هو پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي حاصل ڪرڻ ۽ يورينيم جي رچاءُ جي ڪوششن کي رد ڪن ٿا. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ ڳالهين جا 5 دور ٿي چڪا آهن، ايران جو وفد ڇهين دور جي تياري ڪري رهيو هو ته اسرائيل ان جي ايٽمي ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪري ڇڏيا جنهن ۾ بعد ۾ آمريڪا به شامل ٿي ويو هو.









