بغداد-22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بغداد ۾ امام موسيٰ الڪاظم عه ۽ امام محمد التقي الجواد عه جي روضن تي حاضري ڀري مسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪاظميه مقدس ۾ امام موسيٰ الڪاظم عه ۽ امام محمد التقي الجواد عه جي روضن تي حاضري ڀري. …
صدر آصف علي زرداري جي بغداد ۾ امام موسيٰ الڪاظم عه ۽ امام محمد التقي الجواد عه جي روضن تي حاضري

مزید خبریں
بغداد-22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بغداد ۾ امام موسيٰ الڪاظم عه ۽ امام محمد التقي الجواد عه جي روضن تي حاضري ڀري مسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪاظميه مقدس ۾ امام موسيٰ الڪاظم عه ۽ امام محمد التقي الجواد عه جي روضن تي حاضري ڀري. صدر روضه ڪاظميه تي مُسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ سلامتي لاءِ دعا گهري ۽ اتي زائرين جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا. صدر آئمه اهلبيت عه جي تعليمات کي علم، صبر، حڪمت ۽ اخلاقي طاقت جو مستقل سرچشمو قرار ڏنو صدر حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ امام اعظم ابو حنيفه عه جي مزار تي پُڻ حاضري ڀري. صدر آصف علي زرداري سڀني مزارن جي منتظمين ۽ خطيبن سان پڻ ملاقاتُون ڪيُون.










