بغداد-21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي صدر عبداللطيف جمال راشد سان ملاقات ڪئي. صدارتي محل پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايوانِ صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ۽ عراقي صدر وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي. نهي ملڪن جي وفدن …
صدر آصف علي زرداري جي عراق جي صدر عبداللطيف جمال راشد سان ملاقات

مزید خبریں
بغداد-21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي صدر عبداللطيف جمال راشد سان ملاقات ڪئي. صدارتي محل پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايوانِ صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ۽ عراقي صدر وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي. نهي ملڪن جي وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ ٻه طرفن ناتن، گڏيل سهڪار، علائقائي صورتحال ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر شاندار آڌرڀاءُ ۽ شاندار ميزبانيءَ تي صدر عبداللطيف جمال راشد جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته بغداد تهذيب، تمدن ۽ حوصلي جي علامت جو هڪ تاريخي شهر آهي. هن عراق ۾ پارلياماني چونڊن جي ڪامياب بندوبست ڪرڻ تي عراقي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون ۽ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن عراق جي خودمختياري، علائقائي، سلامتي ۽ قومي وحدت لاءِ پاڪستان جي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.










