اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين واپار، رابطاڪاري (ڪنيڪٽيويٽي) ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پاران ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو

مزید خبریں
اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين واپار، رابطاڪاري (ڪنيڪٽيويٽي) ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.










