صدر آصف علي زرداري عراق جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو

بغداد- 20 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب عراق جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر احمد فڪڪ احمد البدراني، عراق ۾ پاڪستاني سفير محمد ذيشان احمد ۽ ٻين اعليٰ عملدارن صدر جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. دوري دوران صدر جي اعليٰ عراقي قيادت سان …

بغداد- 20 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب عراق جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر احمد فڪڪ احمد البدراني، عراق ۾ پاڪستاني سفير محمد ذيشان احمد ۽ ٻين اعليٰ عملدارن صدر جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. دوري دوران صدر جي اعليٰ عراقي قيادت سان ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. صدر جو هي دورو پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

مزید خبریں