وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري پاران لاهور ايئرپورٽ جو دورو، اميگريشن عمل جو جائزو ورتو

لاهور-21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور جو دورو ڪيو جتي هنن پرڏيهه ويندڙ مسافرن جي اميگريشن عمل جو جائزو ورتو. وزيرن اميگريشن ڪائونٽرز تي وڃي عملي جي ڪارڪردگي جو مشاهدو ڪيو ۽ مسافرن سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪندي اميگريشن جي مرحلن بابت آگاهي حاصل ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي …

لاهور-21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور جو دورو ڪيو جتي هنن پرڏيهه ويندڙ مسافرن جي اميگريشن عمل جو جائزو ورتو. وزيرن اميگريشن ڪائونٽرز تي وڃي عملي جي ڪارڪردگي جو مشاهدو ڪيو ۽ مسافرن سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪندي اميگريشن جي مرحلن بابت آگاهي حاصل ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اميگريشن ڪائونٽر تي مقرر ايف آءِ اي اهلڪار جي بهتر ڪارڪردگي کي ساراهيندي شاباش ڏني ۽ کيس همٿايو. دوري دوران هڪ مسافر چيڪنگ ۾ دير سبب بورڊنگ بند ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، جنهن تي گهرو وزير فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي ڪويت ويندڙ مسافر جي بورڊنگ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو. مسافرن ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌيو ته ڪجهه منٽن ۾ اميگريشن جو عمل مڪمل ٿي رهيو آهي جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي عزت ۽ اسان لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم آهي. ڪنهن به مسافر کي سفر کان بنا جواز نه روڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پيشيوراڻن پينو فقيرن يا نا مڪمل دستاويز رکندڙ ماڻهن کي پرڏيهه سفر ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻجڻ وارن جي جاءِ جيل آهي. هن اميگريشن نظام کي اثرائتو، شفاف ۽ مسافرن لاءِ آسان بڻائڻ جون هدايتون به جاري ڪيون. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي لاهور علي ضياء ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايئرپورٽ اويس به موجود هئا.

مزید خبریں