اسلام آباد - 21 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. گذريل ڏينهن جاري انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 200 ڪيوسڪ آھي، خيرآباد پل …
دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. گذريل ڏينهن جاري انگن اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 200 ڪيوسڪ آھي، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 4 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 26 هزار ڪيوسڪ آھي، جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1485.81 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.473 ملين ايڪڙ فوٽ آھي. اھڙي طرح منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1200.85 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جي ذخيرو 4.305 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 639.20 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.015 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










